جهمون ڇڳاڻي

جهمون ڇڳاڻي: سنڌ ۽ هند جي مشهور ڪهاڻيڪار، نقاد، محقق ۽ ڪالم نگار جهمون رامچند ڇڳاڻيءَ 5 سيپٽمبر 1940ع تي حيدرآباد جي پشوري پاڙي ۾ جنم ورتو. بي. ايڊ (لئنگئيجز)، ايم. اي (انگريزي ادب) ۽ شارد (سنسڪرت) جون ڊگريون ورتائين. ڀوپال جي ريجنل انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي ملازمت مان رٽائر ٿيو آهي. سندس تصنيفون هن ريت آهن: (1) مهامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي (تحقيق: جلد پهريون: 1991ع)، (2) مهامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي (تحقيق: جلد ٻيو: 1996ع)، (3) هڪ ٻيو ورهاڱو (ڪهاڻيون: 1977ع)، (4) ڏات ڌڻي (ڏهن اديبن جا سوانحي خاڪا: 2002ع). جهمون ڇڳاڻيءَ کي ڪيترا اوارڊ به مليا آهن، جن ۾: (1) سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ، ڀارت سرڪار پاران 1993ع ۾ ’مهامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي- اوارڊ‘ (جلد-1)، (2) دهلي سنڌي اڪيڊميءَ پاران ’ادبي اوارڊ‘ 1998ع، (3) مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران ڀوپال ۾ اوارڊ 2001ع وغيره شامل آهن. جهمون ڇڳاڻيءَ، ورهاڱي کانپوءِ پهريون ڀيرو 2004ع ۾ سنڌ آيو ۽ حيدرآباد، پشوري پاڙي ۾ پنهنجو گهر ڳولي لڌائين، ان جو تذڪرو هن پنهنجي مختصر سفرنامي ۾ ڪيو. نوٽ : جهمون ڇڳاڻي 27 آگسٽ 2016ع ۾ ديهانت ڪيو.


لفظ جهمون ڇڳاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.09.05  عيسوي

سنڌ ۽ هند جي مشهور ڪهاڻيڪار، نقاد، محقق ۽ ڪالم نگار جهمون رامچند ڇڳاڻيءَ 5 سيپٽمبر 1940ع تي حيدرآباد جي پشوري پاڙي ۾ جنم


2016.08.27  عيسوي

جهمون ڇڳاڻي 27 آگسٽ 2016ع ۾ ديهانت ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سجاد مهر
ديوان ٽهلرام کيمچند
انور سومرو 2
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
خير محمد ڏاهري
ڀاوناڻي موهن ديارام
دين محمد بوبڪائي مخدوم
ثابت فقير
بخت نصر
دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي ثاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون